دبئي- 10 فيبروري (اي پي پي) ورلڊ گورنمينٽس سمٽ 2025ع دبئي ۾ شروع وئي. پرڏيھي ميڊيا مطابق گذريل ڏينھن شروع ٿيل عالمي ڪانفرنس جو موضوع ”مستقبل جي حڪومتن کي جوڙڻ“ رکيو ويو آھي. ان عالمي اجلاس ۾ ڪيترا ئي اھم فورمز منعقد ٿيندا، جن ۾ عرب فسڪل فورم، عرب يوٿ ليڊرز ميٽنگ ۽ ينگ عرب ليڊرز فورم شامل آھن. اھو سمٽ پنھنجي 12 ھين ايڊيشن ۾ عالمي شرڪت جا نوان رڪارڊ قائم ڪندو، جنھن ۾ 30 کان وڌيڪ مملڪت جا سربراھه، 140 حڪومتي وفود ۽ 80 کان وڌيڪ عالمي ۽ علائقائي تنظيمون شريڪ ٿي رھيون آھن. ان دوران 30 کان وڌيڪ وزارتي اجلاس ۽ گول ميز ڳالھيون ٿينديون، ججنهن ۾ 400 کان وڌيڪ وزير شرڪت ڪندا. عرب فسڪل فورم جي نائين سيٽ ۾ اثرائتي ۽ برابر مالياتي پاليسين جي ڊيزائن تي غور ڪيو ويندو ته جيئن قرضن جي بار ۽ مستقبل جي چئلينجز کي منھن ڏنو وڃي. اھڙي طرح، عرب يوٿ ليڊرز ميٽنگ ۽ ينگ عرب ليڊرز فورم نوجوان عرب قيادت کي ھٿي ڏيڻ، ڪاروباري صلاحيتن ۽ پيشي وراڻي ترقي جي موقعن تي مرڪوز ھوندا.