اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته ليبيا جي سمنڊ ويجهو سامونڊي جهاز کي حادثو پيش آيو آهي جنهن ۾ پاڪستاني شهري پڻ موجود هئا. ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو ته طرابلس ۾ پاڪستان جي سفارتخاني آگاهه ڪيو آهي ته اٽڪل 65 مسافرن کي کڻي ويندڙ هڪ سامونڊي جهاز ليبيا جي زاويه شهر جي اتر اولهه ۾ مارساڊيلا جي بندرگاهه ويجهو اونڌو ٿي ويو. ترجمان چيو ته طرابلس ۾ پاڪستاني سفارتخاني فوري طور تي هڪ ٽيم زاويه اسپتال رواني ڪري ڇڏي آهي ته جيئن فوت ٿيندڙن جي سڃاڻپ ۾ مقامي عملدارن جي مدد ڪري سگهجي، سفارتخانو پاڪستاني متاثرين جا وڌيڪ تفصيل ڄاڻڻ جي پڻ ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته صورتحال تي نظر رکڻ جي لاءِ پرڏيهي وزارت جي ڪرائيسز مئنيجمينٽ يونٽ کي فعال ڪيو ويو آهي.