اسلام آباد -08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته حڪومت جي معاشي ٽيم جي هڪ سال جي ڏينهن رات جي محنت سان قومي معيشت استحڪام حاصل ڪري چڪي آهي ۽ ملڪ ترقي جي سفر تي گامزن آهي، پاڪستان جو هڪ سال ۾اونداهين کان روشني طرف سفر اجتماعي ڪوششن جو نتيجو آهي. پاڪستان کي مضبوط ۽ دنيا ۾ عظيم ملڪ بڻائينداسين. تعمير ۽ ترقي واري ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته حڪومت گذريل سال سيپٽمبر ۾ آءِ ايم ايف سان ڪاميابي سان 7 ارب ڊالرن جي 3 سالن جي پروگرام کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون، جنهن سان ملڪ ڊفالٽ ٿيڻ کان بچي ويو. هن چيو ته جيتوڻيڪ آءِ ايم ايف جي سخت شرطن سبب قوم کي چئلينجز سامهون هئا، جڏهن ته اسان ان ڳالهه تي زور ڀريو ته معيشت مستحڪم ٿي چڪي آهي، پائيدار ترقي ۽ اڳڀرائي طرف وڌڻ لاءِ تيار آهي، هن چيو ته اسان کي احساس آهي ته پگهاردار طبقي مجموعي طور 300 ارب روپيا ٽيڪس ادا ڪئي جيڪا خاص ڪري ساراهه جوڳي آهي. هن چيو ته جنوري 2025ع ۾ ناڻي واڌ جي شرح 40 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 2.4 سيڪڙو ڪئي وئي آهي، جنهن جو سبب پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي آهي. هن ڪاروباري برادري تي زور ڀريو ته اها معيشت جي استحڪام لاءِ حڪومت جي ڪوششن جي حمايت ڪري ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ان جي شموليت انتهائي اهم آهي. هن خاطري ڪرائي ته حڪومت پاليسي سازي جي عمل ۾ واپاري برادري کي شامل ڪندي، ڇاڪاڻ ته نجي شعبي سان مشاورت کان سواءِ معاشي ترقي حاصل نٿي ڪري سگهجي. هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته حڪومت سرحد پار اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ڀرپور نموني سان ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيوته قانوني طور افغانستان کي کنڊ جي روانگي واپار ڪري حڪومت 211 ملين ڊالرن جو مٽاسٽا جو ناڻو حاصل ڪيو. ٻي صورت ۾ هي قيمتي آمدني اسمگلرن جي هٿن ۾ هلي وڃي ها. هن ملڪ ۾ اسمگلنگ جي سرگرمين ۾ روڪٿام جي حوالي سان پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سنجيده ۽ مخلصاڻين ڪوششن کي ساراهيو. حڪومت جي نجڪاري پاليسي جي حوالي سان وزيراعظم جو چوڻ هو ته هاڻ اسان وڏي پئماني تي نجڪاري ڏانهن وڌي رهيا آهيون، ڇاڪاڻ ته ڪاروباري سرگرمين ۾ حڪومت جو ڪو به ڪردار ناهي. هن چيو ته دهشتگردي کي پاڙان پٽي اڇلائڻ کانسواءِ ملڪ ترقي ۽ خوشحالي جا هدف حاصل نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته ملڪ کي امن، استحڪام، خوشحالي ۽ معاشي ترقي جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ معاشري جي سمورن طبقن سان واسطو رکندڙ ماڻهن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته هو پنهنجي پٺيان هڪ اهڙي وراثت ڇڏڻ چاهي ٿو جيڪا ملڪ کي پائيدار ترقي جي راهه تي گامزن ڪري. هن ان اعتماد جو به اظهار ڪيو ته حڪومت جو ويجهڙ ۾ ئي شروع ڪيل اڏام پاڪستان پروگرام ڪامياب ٿيندو ۽ پنهنجا سمورا هدف حاصل ڪندو. ان موقعي تي وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيوته موجوده حڪومت جي دانشمنداڻين پاليسين مهانگائي جي شرح کي 40 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 2.4 سيڪڙو تائين آڻڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. بئي طرف پاليسي ريٽ کي گهٽ رڪي 12 سيڪڙو ڪيو ويو آهي جنهن سان حڪومت تي قرضن جي ادائگي جو بار گهٽيو.هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته ملڪ جي تاريخ ۾پهريون ڀيرو حڪومت ڍانچا جاتي سڌارا، رائيٽ سائيزنگ ۽ پينشن سڌارن تي سختي سان عمل ڪري رهي آهي. وفاقي وزير احسن اقبال پنهنجي خطاب ۾ چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت مستقل مزاجي ۽ پاليسين جي تسلسل جي کوٽ سبب خطي ۾ پوئتي رهجي وئي آهي. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته اڏام پاڪستان پروگرام تحت پاڪستان پنجن سالن ۾ 100 ارب ڊالرن جي روانگي واپار جو هدف حاصل ڪري وٺندو. هن چيو ته ان هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ روانگي واپار تي ٻڌل صنعت کي 24 ڪلاڪ ڪم ڪرڻوپوندو. هن روانگي واپار جي صنعت کي قومي موڪلن کان آجو قرار ڏيڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئي. سڌسماءَ واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ چيو ته وزيراعظم ملڪ خاطر پنهنجي سياست قربان ڪئي. هن چيو ته واپاري برادري ملڪ جي ترقي جي سفر ۾ هميشه حڪومت جو ساٿ ڏنو آهي. ايف پي سي سي آءِ جي صدر عاطف اڪرام شيخ خطاب ڪندي چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي مدبراڻي قيادت عيوض معيشت بهتر ٿي رهي آهي ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿي رهيو آهي. متحد ٿي ملڪي ترقي جو خواب ساڀيان ڪنداسين. ڪاروباري طبقو حڪومت جي معاشي قدمن کي ساراهي ٿو. تقريب کي نيشنل يوٿ ڪائونسل جي ميمبرن، حڪومت پاران نوجوانن جي صلاحيتن کي هٿي وٺائڻ وارن قدمن جي ساراهه ڪئي. ان موقعي تي دانش گرلز اسڪول چشتيان جي هوشيار تعليم پرائي نڪتل شاگردياڻي نور العين ۽ دانش اسڪول مان تعليم حاصل ڪري يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ٽيڪنالاجي (يو اي ٽي) مان انجنيئرنگ ڪندڙ شاگرد انجنيئر عادل حسين به خطاب ڪيو ۽ شرڪت ڪندڙن کي پنهنجي ڪاميابي جي ڪهاڻي ٻڌائي. وزيراعظم ٻنهي شاگردن جي قابليت تي کين داد ڏنو ۽ سندن سرن تي شفقت جو هٿ ڦيريو.