هاربن – 08 فيبروري (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري چين جو 5 ڏينهن وارو دورو مڪمل ڪري وطن واپسي لاءِ روانو ٿي ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ مطابق چين جي دوري دوران صدر مملڪت پنهنجي چيني هم منصب شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي چيانگ سان ملاقاتون ڪيون. صدر مملڪت چيني شهر هاربن ۾ نائين ايشين ونٽر گيمز جي افتتاحي تقريب ۾ به شرڪت ڪئي. دوري دوران پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار جي يادداشتن تي صحيحيون به ڪيون ويون.