اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ انٽر گورنمنٽل ڪمرشل ٽرانزيڪشنز ايڪٽ (سي سي آئي جي سي ٽي) بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري پڌرائي مطابق اجلاس ۾ ڪميٽي جا ميمبر، پيٽروليم ۽ نجڪاري واري وفاقي وزير کان علاوه مختلف وزارتن ۽ ڊويزنز جا وفاقي سيڪريٽريز به شامل هئا. اجلاس کي سي سي آئي جي سي ٽي کي انٽر گورنمنٽل ڪمرشل ٽرانزيڪشنز ايڪٽ 2022ع تحت پرڏيهي حڪومتن سان ٿيندڙ ڏي وٺ بابت آگاهه ڪيو ويو. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار لاڳاپيل وزارتن کي هدايت ڪئي ته باضابطه ڳالهين کان اڳ سمورين اڳواٺ شرطن کي انٽر گورنمنٽل ڪمرشل ٽرانزيڪشنز ايڪٽ 2022ع جي قلمن مطابق مڪمل ڪيو وڃي.