هربن – 07 – فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين جي شهر هربن ۾ نائين ايشين ونٽر گيمز جي شاندار افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي چيني صدر شي جن پنگ ۽ ايشيا جا ٻيا ملڪي سربراهه پڻ موجود هئا. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب تقريب ۾ برونائي جي سلطان، ڪرغزستان جي صدر ۽ ٿائيلينڊ جي وزيراعظم سميت اعليٰ شخصيتن شرڪت ڪئي. اهي گيمز 7 کان 14 فيبروري تائين جاري رهنديون جن ۾ 34 ملڪن جا 1200 کان وڌيڪ ايٿليٽس حصو وٺي رهيا آهن. پاڪستاني ونٽر ايٿليٽس پڻ ان ايونٽ ۾ شريڪ آهن. صدر افتتاحي تقريب ۾ راندين جي ذريعي علائقائي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ عوامي سطح تي لاڳاپا مضبوط ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته انهن گيمز جي ذريعي علائقائي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اسپورٽس ڊپلوميسي کي مستحڪم ڪرڻ جو موقعو ملندو ۽ اسلام آباد ۽ بيجنگ جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندي. ايشين ونٽر گيمز پاڪستان ۾ ونٽر اسپورٽس جي فروغ جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم ثابت ٿي سگهي ٿي. صدر آصف علي زرداري چيني حڪومت ۽ سمورن رانديگرن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.