راولپنڊي-07 فيبروري (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير سان بنگلاديش جي بحريه جي چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل محمد نظم الحسن جي ايڇ ڪيو راولپنڊيءَ ۾ ملاقات ڪئي. هي ويجهڙ ۾ بنگلاديش جي هٿياربند فوج جو ٻيو اعليٰ سطحي دؤرو هو، جنهن ۾ ٻنهي معززن گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن، علائقائي سلامتيءَ جي موجوده صورتحال ۽ ٻه طرفي دفاعي ۽ سلامتي تعاون کي هٿي ڏيڻ جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب ايڊمرل نظم الحسن خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي خدمتن کي ساراهيو ۽ خص طور تي ملٽي نيشنل ميڙي ٽائيم ايڪسرسائز ”امن“ 2025ع ۽ امن ڊائلاگ جي بندوبست جي تعريف ڪئي. هن خطي ۾ امن کي هٿي وٺرائڻ ۾ پاڪ فوج جي ڪردار کي به ساراهيو.