راولپنڊي-07 فيبروري (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا سان بنگلاديش جي چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل ايم نظم الحسن جي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ خطي جي بدلجندڙ حالتن، گڏيل اسٽريٽجڪ دلچسپي جي معاملن ميري ٽائيم تعاون ۽ ٻه طرفي دفاعي تعاون کي هٿي وٺرائڻ جي طريقن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان جي سرڪاري دؤري تي آيل بنگلاديش جي چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل ايم نظم الحسن جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽرز راولپنڊيءَ ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تعاون جي اهميت تي زور ڀريو. معزز مهمان پاڪ فوج جي پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيو ۽ـ دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ قربانين جو اعتراف ڪيو. ان کان اڳ جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽرز پهچڻ تي مهمان کي ٽنهي هٿياربند فوج جي جٿي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.