راولپنڊي-07 فيبروري (اي پي پي) چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سلطنت عمان جو ڪامياب دؤرو مڪمل ڪيو، جتي هن سول ۽ فوجي قيادت سان اهم ملاقاتون ڪيون. ايئر چيف کي مڪمل فوجي اعزاز سان ڀليڪار ڪيو ويو، جنهن سان ٻه طرفن ناتن کي هٿي ڏيڻ جي اهميت اجاگر ٿي. آءِ ايس پي آر موجب دؤري دوران ايئر چيف عمان جي شاهي دفتر واري وزير جنرل سلطان محمد النعماني، ڪمانڊر رائل ايئر فورس آف عمان ايئر وائيس مارسل خميس حمد الغفري، چيف آف اسٽاف سلطان هٿياربند فوج وائيس ايڊمرل عبدالله خميس الرايسي ۽ سيڪريٽري جنرل بچاءَ واري وزارت عمان ڊاڪٽر محمد بن ناصر الزعابي سان ملاقات ڪئي. ايئر چيف ٻنهي ملڪن وچ ۾ مشڪل وقت ۾ هڪٻئي سان تعاون جي حوالي سان ڳالهه ڪئي ۽ عمان ايئر فورس کي بنياد کان وٺي فني سطح تائين تربيت ۽ سپورٽ فراهم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. عماني قيادت نيشنل ايرو اسپيس سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي ۽ صنعتي ۽ فني تعاون کي هٿي ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. عماني قيادت انڊس شيلد 2024ع مشق ۾ رائل ايئر فورس آف عمان جي مبصرن جي شرڪت کي ساراهيو ۽ مشق دوران خلائي، سائبر ۽ اليڪٽرانڪ وار فيئر جي شعبن ۾ جديد ۽ رڪاوٽ پيدا ڪندڙ ٽيڪنالاجي جي انضمام جي تعريف ڪئي.