اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ واپاري، اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ هڪ جامع روڊ ميپ تيار ڪرڻ جي لاءِ ٽئين اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب هن جوائنٽ ورڪنگ گروپس جي اجلاسن ۽ سيڪٽرل پلانز ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو. نائب وزيراعظم اعليٰ سطح جي دوري دوران منعقد ٿيندڙ پاڪستان ترڪيه بزنس فورم جي انتظامن جو پڻ جائزو ورتو. هي اجلاس جلد اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي ستين اجلاس جي تيارين جو حصو آهي.