راولپنڊي-07 فيبروري (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير سان مالديپ جي هٿياربند فوج جي چيف آف ڊفينس فورسز (سي ڊي ايف) ميجر جنرل ابراهيم حلمي جي ايڇ ڪيو راولپنڊيءَ ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻه طرفي دفاعي تعاون ۽ علائقائي سيڪيورٽي جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ مالديپ وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي اهم علائقائي معاملن تي هڪجهڙي نقطه نظر کي اجاگر ڪيو. علائقائي سيڪيورٽي منظرنامي جي بدلجندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي ٻنهي فوجي اڳواڻن ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ فعال بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. معزز مهمان پاڪ فوج جي پيشيوراڻي صلاحيتن ۽ علائقائي استحڪام لاءِ خدمتن کي ساراهيو.