تل ابيب _7 فيبروري (اي پي پي ) اسرائيل جي اڳوڻي وزيراعظم ايهود باراڪ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي غزه پٽي ۾ ترسيل اٽڪل 20 لک فلسطينين کي پرڏيهه ۾ آباد ڪرڻ جي منصوبي کي خيالي قرار ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن ٻڌايو ته اهو ڪنهن اهڙي منصوبي وانگر نٿو لڳي جنهن تي ڪنهن سنجيدگي سان غور ڪيو ويو هجي. هن وضاحت ڪئي ته خطي جي اعتدال پسند عرب رياستن لاءِ ٽرمپ جي غير سوچي سمجهي منصوبي جي جواب ۾ بهتر طريقڪار تجويز ڪرڻ بهتر رهندو. ان کي نظر ۾ رکندي اسپين جي پرڏيهي وزير گذريل ڏينهن اسرائيل جي دفاع واري وزير اسرائيل ڪاٽز جي ان تجويز کي رد ڪري ڇڏيو جنهن ۾ هن چيو ته اسپين فلسطينين کي غزه کان بي گهر ٿيڻ جي صورت ۾ وصول ڪندو . هن هڪ انٽرويو ۾ چيو ته غزه فلسطينين جي سرزمين آهي . غزه کي مستقبل جي فلسطيني رياست جو حصو هجڻ گهرجي . گذريل ڏينهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وائٽ هائوس ۾ اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو سان ملاقات بعد چيو ته آمريڪا غزه پٽي جو ڪنٽرول سنڀاليندو ۽ ان علائقي ۾ ترسيل فلسطينين کي ٻين ملڪن ۾ آباد ڪيو ويندو.