واشنگٽن _ 7 فيبروري (اي پي پي ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيل جي وزيراعظم جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ واري عالمي فوجداري عدالت تي پابندي لاڳو ڪرڻ لاءِ ايگزيڪيوٽو آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق وائيٽ هائوس چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ايگزيڪيوٽو آرڊر تي صحيحيون ڪيون آهن . جنهن ۾ آمريڪا ۽ ان جي ويجهي اتحادي اسرائيل خلاف جاچ ڪرڻ ۽ غزه ۾ شهري آبادي تي ظلم ڪرڻ تي اسرائيلي وزيراعظم ۽ دفاع واري وزير جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندڙ عالمي فوجداري عدالت (آئي سي سي ) تي پابنديون لاڳو ڪيون وينديون . ڊونلڊ ٽرمپ جي حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته دي هيگ جي عدالت گذريل ڏينهن آمريڪي صدر سان ڳالهيون ڪندڙ اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري پنهنجي اختيار جو غلط استعمال ڪيو آهي . حڪم نامي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٽربيونل افغانستان ۾ آمريڪي فوجين ۽ غزه ۾ اسرائيلي فوجين جي مبينه جنگي ڏوهن جي آئي سي سي جي جاچ جو حوالو ڏنو . آمريڪي صدر آئي سي سي جي اهڪارن ، ملازمن ۽ ڪٽنب سان گڏ ڪنهن اهڙي شخص خلاف به اثاثه منجمند ڪرڻ ۽ سفري پابندين جو حڪم ڏنو جنهن عدالت جي جاچ ۾ مدد ڪئي هجي . اهي پابنديون اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جي وائٽ هائوس جي دوري بعد سندس حمايت سبب آهن ، جنهن دوران ٽرمپ آمريڪا جو غزه تي قبضو ڪرڻ ۽ فلسطينين کي وچ اوڀر وارن ملڪن ۾ منتقل ڪرڻ جي منصوبي جو اعلان ڪيو آهي . آمريڪا ۽ اسرائيل ۾ ڪو به عالمي فوجداري عدالت (آئي سي سي ) جو ميمبر ناهي . عالمي عدالت طرفان فوري طورتي ڪو رد عمل سامهون ناهي آيو.