بيجنگ-07 فيبروري (اي پي پي ) چين چيو آهي ته غزه فلسطينين جو آهي اهو جنگل جي قانون جو نشانو نه بڻجندو. اها ڳالهه چين جي پرڏيهي وزارت گذريل ڏينهن غزه پٽي جي اصلوڪي آبادي جي جبري لڏپلاڻ بابت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تجويز تي تبصرو ڪندي چئي. پرڏيهي ميڊيا موجب پرڏيهي وزارت بيان ۾ چيو آهي ته چين فلسطيني عوام جي قانوني حقن جي ڀرپور حمايت ڪريون ٿا . بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته غزه فلسطينين جو آهي اهو ڪو سياسي سودي بازي جو هٿيار ناهي ۽ نه ئي ان کي جنگل جي قانون جو نشانو بڻايو وڃي. چين جي پرڏيهي وزارت موجب چين غزه جي آبادي کي هدف بڻائڻ جي شديد مخالفت ڪري ٿو.