اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي طرفان قذافي اسٽيڊيم جي رڪارڊ مُدت ۾ تڪميل تي 1500 کان وڌيڪ ورڪرز جي اعزاز ۾ مانجهاندو ڏنو ويو. محسن نقوي پورهيتن سان سندن سيٽن تي وڃي ملاقات ڪئي ۽ ماني کاڌي. پورهيتن پي سي بي چيئرمين سان سيلفيون ۽ تصويرون به ڪڍرايون. محسن نقوي ڏينهن رات محنت ڪري اسٽيڊيم مڪمل ڪرڻ تي ورڪرز جو ٿورو مڃيو ۽ شاباش ڏني. محسن نقوي پورهيتن کي شاندار لفظن ۾ خراجِ تحسين پيش ڪيو. چيئرمين پورهيتن کي (اڄ) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ميچ ڏسڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته اوهان قوم جا هيرو آهيو، سڀ مبارڪن جا مستحق آهن. اُن کان اڳ قذافي اسٽيڊيم پهچي هُن افتتاحي تقريب جي انتظامن جو جائزو ورتو جڏهن ته ان موقعي تي هن شاندار انتظامن جي هدايت ڪئي. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته قذافي اسٽيڊيم جي نئين سر تعمير جو ڪم وقت تي مڪمل ڪرڻ جو ڪريڊٽ پوري ٽيم ڏانهن وڃي ٿو. هن چيو ته قذافي اسٽيڊيم جو ڪم عالمي معيار موجب ريڪارڊ مدي ۾ مڪمل ٿيو آهي. قوم سان ڪيل واعدو پورو ڪرڻ تي الله تعالي جو شڪر گذار آهيان. هن چيو ته رانديگر ۽ ڪرڪيٽ جا مداح اسٽيڊيم ۾ موجود جديد سهولتن مان لطف اندوز ٿيندا. ورڪرز،ايف ڊبليو او، نيسپاڪ، ڪانٽريڪٽرز ۽ پي سي بي جو دل سان شڪر گذار آهيان. پي سي بي چيئرمين چيو ته قذافي اسٽيڊيم اوهان جو اسٽيڊيم آهي. اسٽيڊيم جي رڪارڊ مُدت ۾ مڪمل ڪرڻ ۾ اوهان جي ڏينهن رات جي محنت شامل آهي. ان موقعي تي ايڊوائيزر عامر مير، چيف آپريٽنگ آفيسر سمير احمد، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر پي ايس ايل سلمان نصير، پاڪستاني ٽيم جو ڪپتان محمد رضوان، چيف فنانشل جاويد مرتضيٰ ۽ ٻيا موجود هئا.