اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دته خيل اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوارج جي 3 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پوري قوم سيڪيورٽي فورسز کي سلام پيش ڪري ٿي، ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون.