اسلام آباد-07 فيبروري(اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار جواري وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو آهي ته کنڊ جي اگهن ۽ دستيابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي گڏيل پاليسي تيار ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ شوگر ايڊوائيزي بورڊ جي اجلاس دوران ڪيو. وزارت جي جاري ڪيل بيان موجب اجلاس ۾ ملڪ ۾ کنڊ جي پيداوار ۽ طلب جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ فيڊرل بورڊ آف ريونيو(آيف بي آر) جي چيئرمين راشد محمود لنگڙيال سميت ٻين عملدارن شرڪت ڪئي، وفاقي وزير ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته کنڊ جي اگهن ۽ دستيابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي گڏيل پاليسي تيار ڪئي وڃي ۽ سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي آن بورڊ ورتو وڃي جتي کنڊ جي اگهه کي حتمي شڪل ڏني وڃي. رانا تنوير حسين واضع ڪيو ته کنڊ جي هٿرادو کوٽ ۽ مهانگائي جي خاتمي لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن ۽ اگهن ۾ بنا ڪنهن سبب جي اضافي ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. اعلان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مارڪيٽ ۾ کنڊ مناسب قيمت تي دستياب آهي ۽ عوام کي ڪنهن به قسم جي پريشاني نه ٿيندي.