پيرس – 07 فيبروري (اي پي پي) فرانس جي ايوان صدر اعلان ڪيو آهي ته گڏيل عرب امارات فرانس ۾ مصنوعي ذهانت جو وڏو ڊيٽا سينٽر ٺاهڻ لاءِ اربين يورو جي سيڙپڪاري ڪرڻ جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق فرانس جي ايوان صدر بيان ۾ چيو ته اهو مرڪز هڪ نئين مصنوعي ذهانت (اي آءِ) ڪيمپس جو مرڪز هوندو ۽ ان جي گنجائش هڪ گيگاواٽ تائين هوندي، جيڪو 30 کان 50 بلين يورو جي سيڙپڪاري جي نمائندگي ڪري ٿو. اهو فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون ۽ سندس گڏيل عرب امارات جي هم منصب شيخ محمد بن زيد النهيان وچ ۾ خميس تي پئرس ۾ صحيحيون ڪيل هڪ وڏي اي آءِ معاهدي جو حصو آهي. اي آءِ ڊيٽا سينٽرز ڊيٽا کي ذخيرو ڪرڻ ۽ نئين ٽيڪنالاجي لاءِ گهربل توانائي فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهن. ايوان صدر چيو ته ڪيمپس اي آءِ لاءِ وقف يورپ جو سڀني کان وڏو ڪيمپس هوندو.