واشنگٽن-07 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪوروبيو 13 کان 18 فيبروري تائين اسرائيل ۽ عرب رياستن جو دورو ڪندو، پرڏيهي خابرو اداري موجب اها ڳالهه پرڏيهي کاتي جي سينيئر اهلڪار گذريل ڏينهن چئي آهي. آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪوروبيو ميونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ شرڪت کان پوءِ 13 کان 18 فيبروري تائين اسرائيل،گڏيل عرب امارتن، قطر ۽ سعودي عرب جو دورو ڪندو.خميس تي ڊومينيڪن ريپبلڪ جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي پرڏيهي وزير تجويز پيش ڪئي ته ٽرمپ غزه جي نئين سر تعمير لاءِ انهن ملڪن سان پڻ سهڪار حاصل ڪرڻ جو خواهشمند آهي جيڪي غزه جي حمايت لاءِ معاشي ۽ ٽيڪنيڪل صلاحيتن وارا هجن.