اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي ويو، سندس عيادت ڪئي ۽ صحت جي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب مولانا فضل الرحمان وزيراعظم جي اچڻ ۽ نيڪ خواهشن تي ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ ملڪي ۽ سياسي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا.