اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پرنس ڪريم آغا خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي ڇنڇر ڏينهن 8 فيبروري 2025ع تي قومي سوڳ جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪابينا ڊويزن جي سيڪريٽري ڪامران علي افضل پاران جاري نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان حڪومت ۽ عوام پاران پرنس ڪريم آغا خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي وزيراعظم مرحوم جي تدفين جي موقعي تي ڇنڇر ڏينهن 8 فيبروري 2025ع تي قومي سوڳ جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان موقعي تي سڄي ملڪ ۾ قومي جهنڊا جهُڪيل رهندا.