اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته موسمياتي تبديلي هن وقت سڀ کان وڏو چئلينج آهي، پاڪستان جو شمار موسمياتي تبديليءَ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ ٿئي ٿو. ٻوڏ سبب پاڪستان کي اربين ڊالرن جو نقصان ٿئي ٿو. اهڙو اظهار هن”بريٿ پاڪستان“ بين الاقوامي ماحولياتي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته حڪومت ان مسئلي کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري رهي آهي. احسن اقبال موسمياتي تبديليءَ سبب پاڪستان کي درپيش چئلينجز جهڙوڪ گليشيئر جو پگهرڻ، شديد ٻوڏ، زمين هيٺ پاڻيءَ جي گهٽتائي ۽ گرمي جي شديد لهرن جو ذڪر ڪيو. هن ان حقيقت تي زور ڀريو ته ڪوبه ملڪ اڪيلو موسمياتي تبديليءَ جو مقابلو نٿو ڪري سگهي، عالمي سطح تي گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان طرفان اُڏام پاڪستان منصوبي جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن تحت هائيڊرو اليڪٽرڪ پارڪ قائم ڪيا ويندا. ٻوڏ ۽ هيٽ ويو جي اڳواٽ اطلاع جي نظام کي بهتر ڪيو ويندو ۽ گهٽ ڪاربان خارج ڪندڙ منصوبن تي توجهه ڏني ويندي. ان کان علاوه قومي مالياتي پاليسي ۽ گرين اينڊ ڪلين پاڪستان جهڙن هدفن کي به اجاگر ڪيو ويو. جنهن جو مقصد مستقبل جي نسلن لاءِ هڪ بهتر ۽ محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته اهي قدم پاڪستان جي ماحولياتي پائيداريءَ طرف هڪ اڳڀرائي آهن پر ان ۾ عوام، نجي شعبي ۽ عالمي برادريءَ جي سهڪار جي پڻ اشد ضرورت هوندي.