اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه سان ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوغلو ملاقات ڪئي. جنهن دوران پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ آءِ ٽي، فائيو جي ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات دوران ڊجيٽل ٽرانسفارميشن اِي گورننس ۽ سمارٽ ٽيڪنالاجيز ۾ سهڪار جي موقعي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ ڊجيٽل ترقي، روزگار جي موقعن ۽ اقتصادي استحڪام کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پاڪستان جي نيشنل آءِ ٽي بورڊ ۽ ترڪيه جي ترڪ سيٽ وچ ۾ بي ٽو بي تعاون تي غور ڪيو ويو. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ (پي ايس اي بي) عالمي آءِ ٽي تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي، ڊجيٽل معيشت ۾ مهارت ڊگري کان وڌيڪ اهميت رکي ٿي. اسڪل ڊولپمينٽ کي هٿي ڏيڻي پوندي. هن چيو ته ڊجيٽل نيشنل پاڪستان بل لاڳو ڪرڻ سان معيشت، اِي گورننس ۽ ڊيٽا ايڪسچينج ۾ وڏي اڳڀرائي ٿيندي. ترڪيه جي سفير چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ آءِ ٽي، ٽيليڪام ۽ ڊجيٽل بزنس ۾ سهڪار ضروري آهي. ترڪيه ۾ 67 ملين ماڻهو اِي گورننس سسٽم کان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن ۽ 8 هزار ڊجيٽل سروسز بحال آهن.