تهران-06 فيبروري (اي پي پي) ايران تيل جي روانگي واپار ڪندڙ ملڪن جي تنظيم (اوپيڪ) جي ميمبرن تي زور ڀريو آهي ته هو متحد ٿين ۽ آمريڪا کي ميمبر ملڪن تي ڪنهن به دٻاءُ وِجهڻ کان باز رکيو وڃي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه ايراني صدر مسعود پيز شڪيان ايران جي گاديءَ واري هنڌ تهران ۾ اوپيڪ جي سيڪريٽري جنرل هيثم الغيث سان ملاقات دوران چئي. هن چيو ته اوپيڪ جي ميمبرن کي اهڙيءَ طرح سان ڪم ڪرڻ گهرجي ته انهن جي قدمن سان ڪنهن ٻئي ميمبر کي نقصان نه پهچي. هن چيو ته کيس يقين آهي ته جيڪڏهن اوپيڪ جا ميمبر متحد ۽ مستقل طور گڏ ڪم ڪن ٿا ته آمريڪا ان مان ڪنهن تي به پابندي لاڳو نه ڪري سگهندو ۽ نه ئي دٻاءُ وِجهي سگهندو. ايراني صدر جي آفيس مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملاقات دوران ايراني صدر اوپيڪ جي ميمبرن جي گڏيل زبان، رويي ۽ پاليسيءَ جي اهميت ۽ تنظيم کي سياست کان پري رکڻ جي ڪوششن تي زور ڀريو. ان موقعي تي سيڪريٽري جنرل اوپيڪ تنظيم ۾ ايران جي تعميري ڪردار کي ساراهيندي چيو ته هڪ باني ميمبر طور ايران هميشه اوپيڪ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته اوپيڪ هميشه پنهنجي ميمبر ملڪن وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن ان جي اجتماعي مفادن جي ضمانت ڏئي سگهجي. اهڙيءَ طرح جي تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪيو وڃي.