اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان حڪومت جي دعوت تي انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جو ڊائريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي ايندڙ هفتي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته ڊائريڪٽر جنرل انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي دوري دوران وزيراعظم ۽ نائب وزيراعظم/پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪندو. هو پاڪستان نيوڪيلئر ريگيوليٽري اٿارٽي (پي اين آر اي) ۽ نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) ۾ سيمينارز ۾ پڻ شرڪت ڪندو. هو لاهور ۾ انمول اسپتال ۽ چشما نيوڪليئر پاور جنريٽنگ اسٽيشن جو پڻ دورو ڪندو. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي جي وچ ۾ پراڻو تعاون آهي جيڪو 1957ع کان شروع ٿيو. پاڪستان هن وقت انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي جي بورڊ آف گورنرز جو ميمبر آهي. هن چيو ته هي دورو انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي سان ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال تي پاڪستان جي گهري حصيداري جي تصديق ڪري ٿو جنهن جو مقصد ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ آهي.