اسلامَ آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نجڪاري جي عمل جي مقرر مدي ۾ تڪميل کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته نجڪاري جي عمل جي هو پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي، ان ۾ ڪا دير برداشت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم پنهنجي صدارت ۾ سرڪاري ادارن جي نجڪاري جي عمل ۽ ان جي نگراني جي حوالي سان ٺاهيل ٽاسڪ مئنيجمينٽ سسٽم تي جائزه اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن عبدالعليم خان، سينيٽر محمد اورنگزيب، راڻا تنوير حسين، احد خان چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي نجڪاري جي حوالي سان ٺاهيل ٽاسڪ مئنيجمينٽ سسٽم جو جائزو پيش ڪيو ويو. اجلاس کي مختلف ادارن جي نجڪاري جي مقرر مدي جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت جي ادارن جي نجڪاري کي ٽن مرحلن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرين مرحلي ۾ 10 ادارن، ٻئي مرحلي ۾ 13 جڏهن ته ٽئين مرحلي ۾ باقي رهيل ادارن جي نجڪاري يقيني بڻائي ويندي. اجلاس ۾ وزيراعظم نجڪاري جي عمل کي تيز ڪرڻ جي مقرر مدي ۾ نجڪاري جي عمل جي تڪميل يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ترقي جي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، پاڪستاني عوام جي قيمتي وسيلن جو نقصان ڪندڙ ادارن ۾ وڌيڪ زيان جي اجازت نه ڏيندس. وزيراعظم چيو ته ملڪي ادارن جي نجڪاري حڪومت جي اڏار پاڪستان قدم جو حصو آهي، حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ نه پر ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ پاليسي، قدم ۽ سهولت فراهم ڪرڻ آهي. وزيراعظم چيو ته وقت سر ضروري سڌارن سان ئي معيشت جي بهتري طرف تيزي سان گامزن آهيون، تجويز ڪيل ادارن جي نجڪاري جي عمل کي شفافيت سان بنا ڪنهن ٺاهه جي تيز ڪيو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته نجڪاري جي عمل ۾ قانوني رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سٺي شهرت جي وڪيلن جون خدمتون ورتيون وڃن. هن چيو ته نجڪاري جي عمل جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان، ڪنهن به قسم جي دير قبول نه آهي. وزيراعظم نجڪاري جي عمل جي نگراني جي لاءِ ٺاهيل ٽاسڪ مئنيجمينٽ سسٽم ڊيش بورڊ جو پڻ جائزو ورتو.