اسلامَ آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني نوجوان رانديگرن کي تربيت ۽ موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي عورتن ۾ بي پناهه صلاحيتون موجود آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان جي نوجوان ڪراٽي چيمپيئن فاطمه احمد خان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن فاطمه احمد خان کي گهٽ عمر ۾ ڪراٽي جي عالمي مقابلن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ تي ساراهيو. وقتي صدر نوجوان ڪراٽي جي رانديگر جي حوصلا افزائي ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان جي عورتن ۾ بي پناهه صلاحيتون موجود آهن. ان موقعي تي وقتي صدر فاطمه احمد خان کي تعريفي سَند پڻ پيش ڪئي. فاطمه احمد خان 10هين ڪلاس جي شاگردياڻي آهي، هوءَ جاپان ۽ ايران ۾ منعقد ٿيندڙ مقابلن سميت مختلف ڪراٽي ٽورنامينٽس ۾ شرڪت ڪري چڪي آهي.