اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته ڪشميري عوام پنهنجي خوداراديت وارو حق حاصل ڪرڻ لاءِ بي مثال ۽ تاريخي جدوجهد ۾ مصروف آهي، سندن قربانين آزادي جي شمع کي هميشه روشن رکيو، مون کي پورو يقين آهي ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن سندن خواب ساڀيان ماڻيندو. يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته اڄ پوري پاڪستاني قوم پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ يڪجهتي ۽ پختي حمايت جو ورجاءُ ڪري رهي آهي. والاريل ڄمون ڪشمير جو عوام گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق پنهنجي جائز خوداراديت واري حق لاءِ قابض ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف جدوجهد ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڪشميري عوام آزادي واري حقن حاصل ڪرڻ لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پاڪساني عوام سندن عظيم قربانين کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو جيڪو ڪشميري عوام 75 سالن کان وحشياڻي ڀارتي ڏاڍ خلاف ڏيندو آيو آهي، سندن صبر، حوصلو ۽ استقلال تاريخ ۾ سونهري اکرن سان لکيو ويندو. هن چيو مان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن کي يقين ڏياريان ٿو ته جيستائين هو ڀارتي ظلم۽ ڏاڍ جو شڪار رهيا پاڪستان ڪڏهن به خاموش نه ويهندو ۽ نه ئي پنهنجي اصولي موقف کان پوئتي هٽندو، ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق جي حمايت هر سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي محاذ تي جاري رکندو.