اسلام آباد- 05 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان، آزاد ڄمون ڪشمير ۽ سڄي دنيا ۾ يوم يڪجهتي ڪشمير جوش ۽جذبي سان ملهايو ويو، جنهن جو مقصد ڀارت جي ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار ڪشميرين سان يڪجهتي اجو اظهار هو ۽ ڪشميرين مٿان ٿيندڙ ڀارتي ظلم ڏانهن عالمي برادري جو ڌيان ڇڪائڻ هو. هي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ڪشميرين جي خوداراديت واري حق جي منصفاڻي جدوجهد جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪرڻ به آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق يوم يڪجهتي ڪشمير جي مناسبت سان سڄي پاڪستان، آزاد ڄمون ڪشمير ۽ سڄي دنيا جي گادي وارن هنڌن تي جلسا، جلوس، ريليون ۽ ٻيا پروگرام منعقد ڪيا ويا.پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جو عوام ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام سان يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ يوم يڪجهتي ڪشمير ملهايو. ان موقعي تي پاڪستان کي ڄمون ڪشمير سان ملائيندڙ پُلن تي انساني هٿن جون زنجيرون به بڻايون ويون. ان موقعي تي پاڪستاني قوم طرفان گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ڪشميرين جي ترديد جوڳي حقِ خوداراديت جي منصفاڻي جدوجهد جي ڀرپور حمايت جو اظهار ڪيو ويو آهي. مظلوم ڪشميري عوام جي حالتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ عالمي برادري کي پُراڻي تڪرار جي حل جي حوالي سان سندن ذميواريون ياد ڏيارڻ لاءِ ان ڏينهن کي ملهايو ويو. ان موقعي تي ڀارت جي قابض فوج هٿان انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين ۽ هٿين خالي ڪشميرين خلاف جاري ظلمن طرف عالمي برادريءَ جو ڌيان ڇِڪرائيندي آزاد ڪشمير سميت سڄي ملڪ ۾ ريلين، جلسن ۽ سيمينارز جو بندوبست ڪيو ويو. پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني مشنز ۾ سيمينارز ۽ تصويري نمائش جو اهتمام ڪيو ويو ته جيئن دنيا جو ڌيان مظلوم ڪشميرين جي حالتن طرف ڇِڪرائي سگهجي.قابض فوج خلاف ڪشميري عوام جي جدوجهد جي حمايت جو اظهار ڪيو ويو. پاڪستان يوم يڪجهتي ڪشمير 1975ع کان ملهائي رهيو آهي. ان ڏينهن پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جو عوام پنهنجي حقن ۽ آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ مظلوم ڪشميرين سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪن ٿا. ڪشمير جي شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ صبح 10 وڳي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي.