مظفر آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي مظفرآباد ۾ شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري ۽ گل چاڙهيا. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي دوري جي موقعي تي مظفرآباد ۾ شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري. وزيراعظم شهيدن جي يادگار تي گلدستو رکيو ۽ انهن جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي. چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم چوڌري انوارالحق پڻ ان موقعي تي موجود هئا.