مظفر آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي هڪ ڏينهن جي دوري تي مظفرآباد پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب وزيراعظم کي آزاد ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي ۾ پوليس جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، ترقي ۽ منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، صنعت وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن.