اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني اسماعيلي ڪميونٽي جي روحاني پيشوا ۽ آغا ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ جي باني ۽ سربراهه پرنس ڪريم خان جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پرنس ڪريم خان انسانيت سان محبت ڪندڙ انسان هو، سندس تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو، هن پٺتي پيل ۽ وچولي طبقن جي لاءِ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون. سينيٽ سيڪريٽريٽ ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ پاران جاري تعزيتي پيغام ۾ وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پرنس ڪريم آغا خان جي لاڏاڻي جو ٻڌي دلي افسوس ٿيو. وقتي صدر چيو ته پرنس ڪريم خان انسانيت سان محبت ڪندڙ انسان هو، پرنس ڪريم آغا خان جي تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو، پرنس ڪريم آغا خان پٺتي پيل ۽ وچولي طبقن جي لاءِ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون. هن وڌيڪ چيو ته آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ پاڪستان جي ڏورانهن علائقن ۾ صحت ۽ تعليم جون سهولتون فراهم ڪيون آهن. پرنس ڪريم آغا خان امن ۽ برداشت جو درس ڏنو ۽ انسانيت جي خدمت جي لاءِ سندس ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستاني قوم پرنس ڪريم آغا خان جي لاڏاڻي تي ڏکويل آهي، پاڪستان جي حڪومت، عوام ۽ پارليامينٽ پرنس ڪريم آغا خان جي خاندان سان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ شريڪ آهي. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني دعا ڪئي ته الله تعاليٰ سوڳوارن کي اهو ڏک برداشت ڪرڻ جو حوصلو ۽ همت ڏي.