اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي آزاد ڪشمير جي دوري تي مظفر آباد روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي ان دوري ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي کي خطاب ۽ آل پارٽيز حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن سان ملاقات ڪندو. آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، اطلاعات ۽ نشريات وار وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن.