اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ڪشميري عوام جون قربانيون رائيگان نه وينديون، پاڪستان هر محاذ تي ڪشميري عوام جي حمايت جاري رکندو. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ وقتي صدر چيو ته ڪشميري عوام جون قربانيون رائيگان نه وينديون، پاڪستان هر محاذ تي ڪشميري عوام جي حمايت جاري رکندو، عالمي برادري ڪشميري عوام کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيارڻ ۾ ڪردار ادا ڪري. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون مذمت جوڳيون آهن، ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي، ڪشميرين کي ڪڏهن اڪيلو نه ڇڏينداسين، پوري پاڪستاني قوم ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙو مظلوم ڪشميري عوام سان وچن جو ڏينهن آهي، ڪشميري عوام جي آزادي جي جدوجهد دنيا جي ضمير جو امتحان آهي. هن چيو ته ڀارت جي رياستي دهشتگردي ۽ ظلم مذمت جوڳا آهن، پاڪستان سفارتي، اخلاقي ۽ سياسي سطح تي ڪشميري عوام سان گڏ آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙو عزم، حوصلي ۽ قربانين جي داستان آهي، ڪشمير جي آزادي تائين هر فورم تي ڪشميري عوام جو آواز اٿاريندا رهنداسين. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته 5 فيبروري مظلوم ڪشميرين جي حق ۾ آواز اٿارڻ جو ڏينهن آهي، ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ظلم جي ڪاري رات ختم ٿيڻ واري آهي، آزادي ڪشميري عوام جو مقدر آهي. وقتي صدر ڪشميري عوام جي قربانين کي سلام پيش ڪندي چيو ته انهن جي خودمختياري جو حق تسليم ڪيو وڃي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان ۽ ڪشمير هڪ روح ٻه جسم آهن. هن چيو ته پاڪستاني قوم جو هڪ زبان پيغام آهي ته ڪشمير بڻجندو پاڪستان.