اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار پرنس ڪريم آغا خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ محمد اسحاق ڊار چيو ته هزهائنيس پرنس ڪريم آغا خان جي لاڏاڻي تي تمام گهڻو ڏک ٿيو، انسان دوستي ۽ سڄي دنيا ۾ ڪميونٽيز جي بهتري جي لاءِ سندس لگن اڻمٽ نقش ڇڏيا آهن. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم چيو ته آغا خان جو پاڪستان سان خصوصي لڳاءُ ۽ عوام جي ترقي ۾ سندس بي مثال تعاون کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. هن چيو ته پاڪستان سندس لاڏاڻي تي سوڳ جو اظهار ڪري ٿو ۽ سندس متاثر ڪندڙ ميراث جي قدر ڪري ٿو. هن آغا خان جي خاندان ۽ عالمي اسماعيلي برادري سان پڻ دلي تعزيت جو اظهار ڪيو.