بيجنگ – 04 – فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين جي سرڪاري دوري تي بيجنگ پهچي ويو. بيجنگ انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهچڻ تي چين جي ناڻي واري وزير لان فوآن، چين ۾ پاڪستاني سفير خليل هاشمي ۽ پاڪستان ۾ چيني سفير جيانگ زيڊونگ صدر جو استقبال ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري 4 کان 8 فيبروري تائين چين جي دوري تي آهي. صدر جو چين جو دورو ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. صدر جو چين جو دورو ٻطرفو اقتصادي، واپاري تعاون وڌيڪ وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. دوري دوران صدر چين جي اعليٰ سياسي قيادت سان ملاقاتون ڪندو. صدر پنهنجي چيني هم منصب صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو. صدر چين جي اسٽيٽ ڪائونسل جي پريميئر لي ڪيانگ سان پڻ ملندو. صدر چيني شهر هاربن ۾ نائين ايشين ونٽر گيمز جي افتتاحي تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو.