اسلام آباد – 04 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چارٽ ڊي ويور کي بيلجيئم جي وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان بيلجيئم سان پنهنجي پراڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ آئون سمورن شعبن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ توهان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهيان.