راولپنڊي- 04 فيبروري (اي پي پي) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي صدارت ۾ 267هين ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس گذريل ڏينهن جي ايڇ ڪيو راولپنڊيءَ ۾ منعقد ٿي. شرڪت ڪندڙن مادرِ وطن جي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪ فوج جي شهيدن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پاڪستاني شهرين جي لازوال قربانين کي زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪيو. فورم درپيش خطرن جو جائزو وٺندي علائقائي ۽ داخلي سلامتي جي منظرنامي تي روشني وڌي. آءِ ايس پي آر مطابق ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن لائن آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊريءَ سان موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. فورم يومِ يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي ڪشمير جي پُرعزم ماڻهن سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. فورم ڀارت طرفان غير قانوني طور تي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي مسلسل خلاف ورزين جي شديد مذمت ڪئي ۽ کين خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ هڪ سنگين خطرو قرار ڏنو. شرڪت ڪندڙن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن مطابق ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق لاءِ سندن جدوجهد ۾ پاڪستان جي پُختي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. شرڪت ڪندڙن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن جي مسلسل ڀڃڪڙين کي مُنهن ڏيڻ لاءِ عالمي سهڪار جي اهميت تي به زور ڀريو. فورم ڀارتي فوجي قيادت جي تازن چِڙ ڏياريندڙن بيانن جو به سخت نوٽيس ورتو ۽ انهن کي غير ذميواراڻو ۽ علائقائي استحڪام لاءِ نقصان پهچائيندڙ قرار ڏنو. فورم کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته پاڪستاني فوج ملڪي خودمختياري ۽ سلامتيءَ جي دفاع لاءِ پوريءَ طرح تيار آهي. ڀارتي فوج جا اهي کوکلا بيان انهن جي وڌندڙ مايوسيءَ جي نشاندهي ڪن ٿا، ان قسم جا بيان پنهنجي عوام ۽ عالمي برادريءَ جي توجهه ڀارت جي اندروني ڏڦيڙ ۽ ان جي انساني حقن جي کُليل خلاف ورزين تان توجهه هٽائڻ لاءِ آهن، ڪنهن به مهم جوئيءَ جو پاڪستان مڪمل طاقت سان جواب ڏيندو، انشاءَ الله. فورم فتنه الخوارج طرفان پاڪستان خلاف دهشتگرديءَ جي ڪاررواين لاءِ افغان سرزمين جي مسلسل استعمال تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. فورم ان ڳالهه جي ضرورت تي زور ڀريو ته عبوري افغان حڪومت فتنه الخوارج جي موجودگيءَ کان انڪار بجاءِ ان جي خلاف ٺوس ۽ عملي قدم کڻي. فورم واضح ڪيو ته افغانستان ۽ فتنه الخوارج جي سلسلي ۾ جاري ڪيل سمورا ضروري قدم ۽ حڪمت عمليءَ کي جاري رکيو ويندو جيڪي پاڪستان ۽ ان جي عوام جي تحفظ کي يقيني بڻائين ٿا. فورم بلوچستان ۾ عوام تي ٻَڌل سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ جي قدمن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن احساسِ محروميءَ جي هٿ ٺوڪيل بيانن جي نفي ڪري سگهجي. فورم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته ڪنهن کي به بلوچستان ۾ امن خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. فورم جو چوڻ هو ته غير ملڪي پُٺڀرائي ڪندڙ پراڪسيز جي بلوچستان جي نوجوانن کي گمراهه ڪرڻ ۽ انتهاپسنديءَ تي اُڪسائڻ جي ناپاڪ عزمن کي بلوچستان جي عوام جي اڻ ٿڪ حمايت سان ناڪام بڻايو ويندو، سمورن فارميشنز جي آپريشنل تيارين جي تعريف ڪندي آرمي چيف مشن تي ٻَڌل تربيت، بهتر فوجي سهڪار، روايتي ۽ دهشتگرديءَ جي روڪٿام جي مد ۾ گڏيل مشقون منعقد ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ تي آرمي چيف ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته فوجي قيادت قوم کي درپيش گهڻ رُخي چئيلنجز بابت مڪمل طور تي آگاهه آهي. فوجي قيادت پاڪستان جي فخر جوڳي عوام جي ڀرپور حمايت سان پنهنجون آئيني ذميواريون پوريون ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي.