اسلام آباد- 04 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين بابت وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان پاڪستان ۾ فرانس جي سفير نڪولس گيلي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ليبر مائيگريشن، انساني وسيلن جي ترقي ۽ پرڏيهه ۾ روزگار جهڙن اهم شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين ۽ انساني وسيلن جي ترقيءَ واري وزارت مان جاري پريس رليز مطابق وفاقي وزير پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي قومي معيشت ۾ حصي ۽ پاڪستان ۽ فرانس وچ ۾ عوام کان عوام جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن پاڪستانين لاءِ فرانس ۾ مختلف شعبن جن ۾ مهمان نوازي، فارماسيوٽيڪل، ٽيلي ڪميونيڪيشن، جهاز سازي ۽ سول انجنيئرنگ ۾ ترقيءَ جي امڪانن کي اجاگر ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته فرانس جي حڪومت پاڪستانين کي فرانسيسي ليبر مارڪيٽ جي مخصوص طلب مطابق تربيت ڏيڻ ۾ مدد ڪري. هن چيو ته اهڙيءَ طرح جي ٽارگيٽڊ ٽريننگ پروگرام نه صرف فرانس ۾ پورهيتن جي کوٽ کي ختم ڪندا پر لکين رپيا لڳائي غير قانوني طريقن سان ٻاهر ويندڙن نوجوانن کي پرڏيهه ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ محفوظ ۽ قانوني رستو به فراهم ڪندا، جنهن سان غير قانوني اميگريشن جي رستن جي ڪوشش دوران ٿيندڙ جاني نقصان کي روڪيو ويندو. هن چيو ته منهنجو ويزن پاڪستانين کي قانوني ذريعن سان پرڏيهه ملڪ ڪم ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ، غير قانوني هجرت کي روڪڻ ۽ انهن کي پرڏيهه ۾ ملازمت جي مارڪيٽن ۾ گهربل مهارتون حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائڻ آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اهو طريقيڪار غير قانوني اميگريشن کي گهٽ ڪرڻ ۽ پاڪستاني شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ سڀ کان اثرائتي حڪمت عملي ثابت ٿيندو. فرانس جي سفير پاڪستان جي انساني وسيلن جي ترقي، خاص ڪري پيشيوراڻي تعليم ۽ تربيت ۾ سهڪار جي موقعن ۾ فرانس جي گهري دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. هن هنرمند پاڪستاني افرادي قوت کي تسليم ڪيو ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل فائديمند شراڪتداريءَ جي امڪانن کي نوٽ ڪيو. وفاقي وزير پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي تحفظ، حقن ۽ مفادن کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت جي پُختي عزم جو ورجاءُ ڪندي انهن جي پرڏيهه ۾ محفوظ ۽ باوقار روزگار جي ضمانت لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جو واعدو ڪيو.