اسلام آباد- 04 فيبروري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ چٽاڀيٽي ڪميشن آف پاڪستان جي ڪارڪردگي ۽ مارڪيٽن ۾ استحڪام ۽ شفافيت لاءِ قدمن جو جائزو ورتو ويو. چٽاڀيٽي ڪميشن طرفان جاري پريس رليز مطابق اجلاس ۾ چيئرمين سي سي پي ڊاڪٽر ڪبير سڌو ۽ ميمبرن سعيد احمد نواز، بشريٰ ناز ملڪ، سلمان امين ۽ عبدالرشيد شيخ شرڪت ڪئي. ان کان علاوه اسپيشل سيڪريٽري فنانس ۽ فنانس ڊويزن جا ٻيا سينيئر عملدار به موجود هئا. اجلاس ناڻي واري وزير جي ڊسمبر 24ع جي پهرين هفتي ۾ ڪامپيٽيشن ڪميشن جي دؤري جي تسلسل ۾ منعقد ٿيو. ناڻي واري وزير ڪامپيٽيشن ڪميشن جي مختلف کاتن جي ڪارڪردگيءَ جو تفصيلي جائزو ورتو. ڪميشن جي ميمبرن پنهنجي پنهنجي شعبي جي ڪارڪردگيءَ تي ناڻي واري وزير کي بريفنگ ڏني. وفاقي وزير حڪومت طرفان ڪامپيٽيشن ڪميشن کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ لاءِ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. ڪامپيٽيشن ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر ڪبير احمد سڌو، وفاقي وزير کي مارڪيٽ جي مؤثر مانيٽرنگ ۽ ڪميشن جي انفورسمينٽ جي سرگرمين جن ۾ ڪارٽلائزيشن ۽ واپاري ڳٺجوڙ جي نشاندهي ۽ تدارڪ لاءِ ڪيل قدمن تي بريفنگ ڏني. هن نَون فيصلن جي نتيجي ۾ لاڳو ڪيل ڏنڊ، وصولين ۽ عدالتن ۾ التوا هيٺ ڪيسن تي به اپ ڊيٽ فراهم ڪئي. تازي ڪميشن جي مقرريءَ کانپوءِ اثرائتي پيرويءَ جي نتيجي ۾ هاڻي تائين عدالتن مان اٽڪل 79 ڪيس ڪاميابيءَ سان اُڪلائجي چڪا آهن، جڏهن ته ٻين ڪيس تي ڪارروائي جاري آهي. اجلاس ۾ ڪامپيٽيشن اپيليٽ ٽربيونل جي چيئرمين ۽ ميمبرن جي مقرريءَ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٽربيونل جو فعال ٿيڻ ڪامپيٽيشن قانونن جي اثرائتي لاڳو ٿيڻ ۽ ڪامپيٽيشن بابت ڪيسن جي تيز حل لاءِ نهايت ضروري آهي. ناڻي وارو وزير پهريان به ٽربيونل جي چيئرمين ۽ ٻن ميمبرن جي مقرريءَ ۾ معاونت فراهم ڪري چڪو آهي. هن ان سلسلي ۾ ڪميشن کي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي.