رياض- 04 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان جرمني جي صدر فرينڪ والٽر اسٽين، رياض ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهن ملڪن وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن جي مختلف رخن جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق جرمن صدر جي قصر يمام پهچڻ تي باضابط آجياڻي جي تقريب منعقد ڪئي وئي. سعودي ولي عهد، جرمن صدر جي آجيان ڪئي. جرمن صدر سعودي ولي عهد جي ميزباني ۽ پرجوش آجياڻو ڪرڻ تي ٿورو مڃيو. ملاقات دوران ٻنهن اڳواڻن علائقائي، عالمي صورتحال ۽ ان حوالي سان ڪيل ڪوششن کان علاوه ان جي حمايت ۽ ان ۾ اضافي جي طريقن تي به ڳالهيون ڪيون.