تهران- 04 فيبروري (اي پي پي) ايران، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي غزه مان فلسطينين کي زبردستي پاڙيسري ملڪن ۾ موڪلڻ جي منصوبي کي غزه مان فلسطينين جي نسل ڪشي جو منصوبو قرار ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي هڪ بيان ۾ چيو ته عالي برادري کي فلسطينين کي ان نسل ڪشي کان بچائڻ لاءِ پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻ گهرجن ۽ فلسطينين کي سندن زمين تان نيڪالي بدران کين حق خوداراديت ڏيارڻ گهرجي. فلسطينين کي غزه مان ڪڍڻ جو منصوبو انهن جي نسل ڪشي جي برابر منصوبو آهي. اسماعيل بقائي چيو ته فلسطينين جي نسلي صفائي جو اهو منصوبو هڪ نئين آبادياتي نظام برابر هوندو. ترجمان چيو ته ڪنهن ٻئي ڌر جو حق ناهي ته هو فيصلو ڪري ته کين ڪٿي رهڻو آهي. اهو فلسطينين جو حق آهي ته هو فيصلو ڪن ته کين ڪٿي رهڻو آهي. واضع رهي ته ايران اسرائيل کي هڪ جائز رياست جي طور تي تسليم ناهي ڪيو، نه ئي اسرائيل سان گڏ سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا آهن. جڏهن ته اسرائيل ۽ ايران هڪ ٻئي کي پنهنجو دشمن قرارڏيندا آهن.