تهران- 04 فيبروري (اي پي پي) ايران پنهنجي ٺاهيل فضائي دفاعي نظام مجيد ميزائل سسٽم جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ايراني فوج جي ايئر ڊفينس مشق 1403 جي ٻئي مرحلي ۾ گذريل ڏينهن صبح جو فضائي دفاعي نظام مجيد ميزائل سسٽم جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. دشمن جي ڊرونز جي ٽريسنگ ۽ سُڃاڻپ کانپوءِ مجيد ميزائل سسٽم انهن ڊرونز کي ڪاميابيءَ سان نشانو بڻايو ۽ هدف کي ڪيرايو. ايئر ڊفينس مشق 1403 جي ٻئي مرحلي ۾ گذريل ڏينهن گهٽ اونچائي وارن ڊرون حملن جو پتو لڳائڻ، انهن جي مانيٽرنگ رپورٽ لاءِ آڊيو ٽريسنگ نيٽ ورڪ جو استعمال ۽ دشمن جي وڏي پيماني تي حملي خلاف بچاءَ لاءِ مربوط فضائي دفاعي ڪمانڊ ۽ ڪنٽرل نيٽ ورڪ جي سطح تي مشق ڪئي وئي.