واشنگٽن- 04 فيبروري (اي پي پي) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گذريل ڏينھن اسرائيلي وزيراعظم بنيجمن نيتن ياھو کان اولھه ڪناري جي ڪجھه حصن کي اسرائيل ۾ ضم ڪرڻ بابت ڳالھيون ڪيون. پرڏيھي ميڊيا مطابق ٽرمپ اها ڳالھه اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو سان ملاقات کان اڳ وائيٽ ھائوس ۾ صحافين سان ڳالھئيندي چئي. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اسرائيل ھڪ ننڍو ملڪ آھي ۽ ان ۾ تبديلي اچڻ گھرجي. ٽرمپ اھو اعلان به ڪيو ته ان ڳالھه جي ڪا ضمانت ناھي ته غزه جي پٽي ۾ اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ جاري جنگبندي مضبوطي سان قائم رھندي. ان بعد وچ اوڀر لاءِ ٽرمپ جي خاص نمائندي سٽيوويٽڪوف چيو ته جنگبندي اڃا تائين مضبوطي سان قائم آھي ۽ اسان اميد ڪيون ٿا ته قيدين کي آزاد ۽ زندگين کي بچائينداسين، صورتحال جي حوالي سان ھڪ پرامن تصفيي تائين پھچڻ لاءِ به پر اميد آھيون.