گڏيل قومن- 04 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن، افغانستان جي گادي واري هنڌ ڪابل ۾ اداري جي ڪمپائونڊ ۾ فائرنگ جي واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي. گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي ھيڊڪوارٽر ۾ معمول جي نيوز بريفنگ دوران ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان ان ڳالھه جي تصديق ڪري سگھون ٿا ته ڪابل ۾ گڏيل قومن جي آپريشن سينٽر (ايو اين او سي اي) جي ڪمپائونڊ جي مشاھداتي پوسٽ تي فائرنگ ڪئي وئي آھي. ھن چيو ته گڏيل قومن جي محافظن طرفان فائرنگ نه ڪئي وئي ھئي. ھن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪمپائونڊ تائين پهچ کي فائرنگ جي واقعي بعد بند ڪري ڇڏيو ھو، ان کي ھاڻي بحال ڪري ڇڏيو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق طالبان گارڊ جي فائرنگ ۾ ھڪ شخص فوت ۽ ٻه زخمي ٿيا هئا، جڏھن ته گڏيل قومن فوتگين جو حوالو نه ڏنو آھي.