اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ جاري آزادي واري تحريڪ عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق هڪ جائز جدوجهد آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق انهن خيالن جو اظهار هن ڪشمير هائوس اسلام آباد ۾ جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان سان ملاقات دوران ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن خاص طور تي ڪشمير مسئلي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن والاريل ڄمون ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ کي مضبوط بڻائڻ ۽ ڪشميرين جي بدتر حالت کي قومي ۽ عالمي فورمز تي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.