واشنگٽن – 03 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جلد يورپي يونين مان آمريڪي آمدني واپار واري مصنوعات تي به ٽيڪس لڳايو ويندو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق صدر ڊونلڊ ٽرمپ ان موقعي تي چيو ته يورپي يونين اسان کان تمام گهڻو فائدو کنيو آهي. هو اسانجون گاڏيون خريد ناهن ڪندا، اسانجون مصنوعات ناهن خريد ڪندا، هو اسان کان ڪجهه به خريد ناهن ڪندا ۽ اسان لکين گاڏيون، وڏي تعداد ۾ عام واهپي جون شيون ۽ زرعي مصنوعات سميت اٽڪل سڀ ڪجهه ئي انهن کان خريد ڪريون ٿا. ان سوال تي ته يورپي يونين جي مصنوعات تي ٽيرف جو اعلان ڪيستائين متوقع آهي، ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هو ان جي ٽائيم لائن ته نٿو ڏئي سگهي پر اهو جلد ٿيندو. دنيا جي اٽڪل هر ملڪ اسان مان فائدو کنيو آهي، اسانکي اٽڪل هر ملڪ سان واپار ۾ خساري کي منهن ڏيڻو پيو آهي، اها ناانصافي آهي ۽ اسان ان صورتحال کي تبديل ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. ان سوال تي ته ڇا برطانيا تي به ٽيرف لڳائيندا، آمريڪي صدر چيو ته برطانيا سان اسانجو واپار صحيع ناهي، پر صورتحال تي ڪم ڪري سگهجي ٿو.