ماسڪو-03فيبروري (اي پي پي ) روس جي علائقي پرائموري جو نائب گورنر ۽ ٽائيگر رضاڪار يونٽ جو اڳوڻو ڪمانڊر سرگئي ايفريموف هڪ جنگي مشن تان واپس ايندي مارجي ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب علائقي جي گورنر اوليگ ڪوزميا ڪو هڪ وڊيو پيغام ۾ ٻڌايو ته سر گئي ايفريموف ڪرسڪ ۾ هڪ ڪارروائي دوران مارجي ويو. هن چيو ته اها اسان جي لاءِ تمام گهڻي ڏک جي ڳالهه آهي. هو هڪ مهربان ۽ مضبوط ارادي وارو اڳواڻ هيو. سندس چوڻ هيو ته ايفريموف 2022ع ۾ ٽائيگر رضا ڪار يونٽ جي قيادت پڻ ڪئي. سال 2024 ۾ کيس پرائموري جو نائب گورنر پڻ مقرر ڪيو ويو. واضح رهي ته سرگئي ايفريموف يوڪرين تڪرار ۾ مارجي ويل روس جو اعليٰ ترين اهلڪار هو.