بيروت – 3 فيبروري (اي پي پي) حزب الله جي سيڪريٽري جنرل نعيم قاسم تنظيم جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل حسن نصرالله ۽ ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي اڳوڻي سربراهه هاشم صفي الدين جي باقاعده تدفين 23 فيبروري تي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي . ان کان اڳ کيس ڳجهي نموني عارضي طور دفن ڪيو ويو هو. حسن نصرالله کي بيروت جي ڏکڻ ۾ ۽ صفي الدين کي ڏکڻ لبنان ۾ سندس اباڻي شهر ۾ دفن ڪيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق حسن نصرالله 4 مهينا اڳ 27( سيپٽمبر) تي بيروت جي ڏاکڻي پاسي پسگردائي ۾ اسرائيل جي فضائي حملي ۾ شهيد ٿيڻ بعد کيس ڳجهي نموني عارضي طور دفن ڪيو ويو هو. نعيم قاسم هڪ ٽيليويزن تقرير ۾ چيو ته اسان اجتماعي جنازي لاءِ 23 فيبروري جو ڏينهن رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن نشاندهي ڪئي ته ان تقريب ۾ پارٽي جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي اڳوڻي سربراهه هاشم صفي الدين جو جنازو به شامل هوندو جيڪو آڪٽوبر جي پهرين ڏينهن ۾ اهڙي طرح جي اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿي ويو هو . نعيم قاسم پهريون ڀيرو انڪشاف ڪيو ته صفي الدين کي نصرالله جي جڳهه تي سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو هو پر ان حوالي سان اعلان کان اڳ ئي کيس قتل ڪيو ويو . هن چيو ته حسن نصر الله کي بيروت جي ڏکڻ ۾ ۽ صفي الدين کي ڏکڻ لبنان ۾ سندس آباڻي شهر ۾ دفنايو ويندو . اسرائيل سان جنگ بابت سندس چوڻ هو ته اها اهڙي جنگ آهي جنهن ۾ نفعو ۽ نقصان ٻئي شامل آهن.