واشنگٽن – 03 فيبروري (اي پي پي) ميٽا ڪمپني اعلان ڪيو آهي ته ان جو اي آءِ اسسٽنٽ وچ اوڀر ۽ اتر آفريقي خطي ۾ باضابطه طور تي لانچ ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪمپني جو جديد ترين 3.2 لائما لينگويج ماڊل هاڻي فيس بڪ، انسٽاگرام ۽ واٽس ايپ سميت سمورن ميٽا پليٽ فارمز تي دستياب هوندو. ميٽا جي ريجنل ڊائريڪٽر فارس عقاد ٻڌايو آهي ته اهو پروگرام مرحليوار لانچ ڪيو پيو وڃي. ڪيترائي صارف پنهنجي ايپس ۾ ميٽا اي آءِ ڏسي سگهن ٿا جڏهن ته ڪجهه صارفين ڪجهه هفتن ۾ پهچ حاصل ڪندا. ان کان اڳ ميٽا 2023ع ۾ پهريون ڀيرو آءِ اي اسسٽنٽ جو اعلان ڪيو هو ۽ ان کانپوءِ ان کي ڪجهه چونڊيل مارڪيٽس ۾ متعارف ڪرايو.